شيخوپوره – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته وڏا خواب ڏسندڙ ئي وڏا ڪم ڪندو ??هي، راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ذريعي نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آهي، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هليا ويا، قرضن جي واپسي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جنهن سان مشڪلاتون اچي رهيون آهن، هو راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رک?? کي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ??يو ته مون کي ان منصوبي ۾ نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آهي، ان منصوبي ۾ سمورو پئسو نجي شعبي کان ايندو ??ڏهن ته حڪومت صرف سهولتون فراهم ڪندي، اوورسيز ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن.