اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ ا??ر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 394 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 20 هزار 980 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 8 هزار 999، پنجاب ۾ 6 هزار 378، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 560، اسلام آباد ۾ 2 هزار، 274 بلوچس??ان ۾ 271، گلگت بلتس??ان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 289 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 86 هزار 16 ٿي چڪي آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتس??ان ۽ بلوچس??ان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وين??يل??ٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 912 وين??يل??ٽرز تي 87 ڪورونا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 542 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 2 لک 98 هزار 903 آهي .