صوابي – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪ??و. ??جو خان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻو??و لڳائڻ کانپوءِ ملڪ ج?? ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان پوري ملڪ ۾ جاري وڻڪاري مهم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبل?? سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي گجو خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر شخص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪريم صه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور تي پاڪستان کي صاف سٿرو ۽ سبز پاڪستان بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪ??ڻو آهي. اسپيڪر پوري پاڪستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ۽ ان مهم ۾ پنهنجو ڪ??دار ادا ڪري.