اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته مخالف ڌر جو گوجرانوالا جلسو فلاپ شو هو، اهي ماڻهو ذاتي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن ان جي لاءِ عوام ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهيل هڪ ٽولي کي سپورٽ نه ڪندي، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سمجهندي هئي ته اقتدار انهن جو پيدائشي حق آهي ۽ اهي سدائين واريون وٺندا رهندا پر وزيراعظم عمران خان اچي انهن کي اقتدار کان ٻاهر ڪر?? ڇڏيو آهي، ان لاءِ هاڻي هٿ پير هڻي رهيون آهن، نواز شريف گذريل 40 سالن کان انهي نظام جو حصو رهيو آهي، هاڻي ڪٿان انقلابي اچي ويو، نواز شريف ۾ جيڪڏهن جرئت آهي ته وطن واپس اچي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ??يو ته جڏهن توهان ذاتي ايجنڊا کڻي هلندا ته قوم پٺيان نه ايندي، وزيراعظم عمران خان قومي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي ان لاءِ پوري قوم ان سان گڏ بيٺل آهي.