پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي نگهداشت جي يونٽ جو افتتاح ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ان جديد سه??لتن جي افتتاح سان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جي مڪمل ٿيڻ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيو آهي. پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال 2015ع ?? کولي وئي هئي، وزيراعظم چيو ته پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر جي قيام سان خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جي عوام کي ??ڪ ڇت هيٺ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج جون سموريون سه??لتون ميسر اينديون. هن چيو ته لاهور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، ان وقت جي سمورن مر??ضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۽ افغانستان مان علاج لاءِ لاهور ويندا هئا، جنهن جي ڪري اسان پشاور ۾ شوڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو فراخدلي سان عطيا ڏيندا رهن ته جيئن ڪينسر جي مر??ضن جي علاج لاءِ اهي ٻئي اسپتال مر??ضن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود انهن جو مفت علاج جاري رکي سگهن ۽ منصوبي موجب ڊسمبر 2023ع ۾ ڪينسر جي مر??ضن جي علاج لاءِ ڪراچي ۾ به نئين اسپتال ڪم شروع ڪندي.