اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ايوان جي ڪارروائي خوش اسلوبي سان هلائڻ لاءِ سياسي پ??رٽين جي پ??رلياماني اڳوا??ن سان رابطي ۾ آهيان، منهنجي خلاف عدم اعتماد واري رٿ مخالف ڌر جو ??انوني حق آهي، ايوان هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، آئون پنهنجي حلف جي گهرجن موجب ايوان هلائيندس، منهنجي استعيفا جو ??طالبو مخالف ڌر جي خوا??ش ٿي سگهي ٿي، آئون ايوان مان ملندڙ ميڊيٽ موجب پنهنجي ذميداري سرانجام ڏيندو رهندس. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ واقعا افسوسناڪ ??هن، اهڙا واقعا جمهوريت لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهن، منهنجي پوري ڪوشش هوندي آهي ته ايوان جي ڪارروائي کي قاعدن موجب هلايو وڃي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ پيج تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ ميمبر پنهنجي تڪن جي ڳالهه ڪندا آهن ان لاءِ اهو بجث انتهائي اهم هوندو آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهي کي درخواست آهي ته ايوان جي تقدس جو خيال رکن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خلاف عدم اعتماد جي رٿ آڻڻ مخالف ڌر جو ??انوني حق آهي، مخالف ڌر پنهنجو ??انوني حق استعمال ڪري پ?? ايوان جي اندر پارلياماني روايتن جو خيال رکيو وڃي.