لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد ??طرا درپيش آهن جنهن جي ڪري پ??ڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پ??ڻي جي ورڇ جو معاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جنهن کي گلوبل وارمنگ جا شديد ??طرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، مخا??ف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا وبا ۽ پ??ڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اسيمبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ مخا??ف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، مخا??ف ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ملڪي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترا??ي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.