اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت غريب ۽ پگهاردار طبقي تي بار نه وڌائيندي، روانگي ۽ پيداوار ۾ اضافي لا??ِ جامع منصوبابندي سان اڳتي وڌينداسين، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان دانشمند پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ طرف وڌي ميگا اقتصادي پيڪيج تحت خصوصي رعايتن سان وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 9 سيڪڙو ۽ زراعت ۾ 2.77 سيڪڙو وڌي. ڪڻڪ، چانور، مڪئي ۽ ڪمنڊ جا بمپر پيداوار حاصل ٿيا، مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي جي اؤسر واري شرح جي مد ۾ 26 ارب ڊالر حاصل ٿيا ۽ سال جي پڄاڻيءَ تي 29 ارب ڊالر ٿي ويا. ناڻي اؤسر واري شرح ۾ واڌ وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اعتماد جو مظهر آهي، ايندڙ مالي سال لا??ِ محصولن جو هدف 5800 ارب رپيا رکيو پيو وڃي، گردشي قرضن جي خاتمي جي لا??ِ قدم کنيا پيا وڃن. گذريل ڏينهن قومي اقتصادي سروي 21-2020ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ روينيو بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته موجوده مالي سال جڏهن شروع ٿيو ته ڪووڊ 19 جي وبا جي پهرين لهر پکڙي هئي، حڪومت ڪووڊ 19 جي حوالي سان دانش??ند??ڻيون پاليسيون اختيار ڪيون ۽ ڪورونا وائرس جا اثر گهٽ ڪرڻ ڏانهن وِک وڌائي، سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان فيصلو دانش??ند??ڻو ثابت ٿيو، حڪومت مالياتي ۽ زري بنيادن تي پڻ فيصلا ڪيا. وزيراعظم پنهنجي ڪوششن سان هائوسنگ ۽ اڏاوتن جي شعبي لا??ِ خاص رعايتي پيڪيج ڏنا، ان سلسلي ۾ بين الاقوامي مالياتي ف??ڊ کان خاص رعايتون حاصل ڪيون ويون، شهرين کي ويڪسين جي فراهميءَ جو عمل شروع ڪيو ويو، اين سي او سي جو قيام هڪ وڏو قدم هو، جنهن جي مؤثر نگرانيءَ ۾ ڪووڊ 19 تي قابو پائڻ ۾ مدد ملي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪووڊ 19 جي پهرين لهر ۽ لاڪ ڊائون سان ڪم ڪندڙ 5 ڪروڙ 60 لک ماڻهن جي ت??داد گهٽ ٿي ڪري 3 ڪروڙ 50 لک جي سطح تي اچي ويو، يعني 2 ڪروڙ ماڻهو جن مان اڪثر ڏهاڙي دار، ذاتي روزگار واري آبادي شامل هئي بيروزگار ٿي کين ڪو ڪم نه ملي رهيو هو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ دانش??ند??ڻيون پاليسيون اختيار ڪيون، ان جي نتيجي ۾ گذريل سال آڪٽوبر ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو تعداد ٻيهر وڌي 5 ڪروڙ 30 لک ٿي ويو، معيشت بحال ٿي ۽ اؤسر طرف گامزن ٿي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سال جي شروعات ۾ ناڻي واري اؤسر جي شرح 2.8 سيڪڙو لڳايو ويو. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ ان کان گهٽ اؤسر جي اندازو لڳائي رهيا هئا جڏهن ته حڪومت انساني زندگين جي ت??فظ ۽ ڪاروبار جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪيا انهن جا بهتر نتيجا سامهون آيا، حڪومت ميگا اقتصادي پيڪيج تحت مينوفيڪچرنگ، ٽيڪسٽائل، تعميرات ۽ زراعت لا??ِ خصوصي رعايتن جو اعلان ڪيو.