اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، افغانستان ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اق??صادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغانستان جي مسعود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وز??راعظم سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم احمد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن افغان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي مرحوم احمد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وز??راعظم چيو ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آ??ي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. وز??راعظم چيو ته افغانستان کانپوءِ پاڪستان، افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪاڻ جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. افغان امن عمل جي تڪرار ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. بين الافغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ افغان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.