اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏيندي فوري ڪم شروع ڪرڻ ج?? هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصو??ي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظوري ناله لئي منصوبي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن ??رڪ?? ڪئي جڏهن ته ??نج??ب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري ??نج??ب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ ??رڪ?? ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصو??ي تحت ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصو??ي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.