اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آه?? ته مشڪل حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت اچي ويو آه?? ته اسان عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سڀني وسيلن کي استعمال ۾ آڻيون. قومي اسيمبلي ??و اجلاس گهرائڻ لاءِ مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جو عمل اڳتي وڌائينداسين. هو اسپيڪر هائوس ۾ حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو، اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شفقت محمود ??ميت حڪمران پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر، مملڪتي وزير علي محمد خان، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پارليماني معاملن سميت ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ ڪورونا بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ??و اجلاس گهرائڻ ۽ مخالف ڌر پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن سان مشاورت تي به غور ڪيو ويو.