اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان قطر ايئر فورس جي ڪمانڊر ميجر جنرل (پائلٽ) سالم حمد النابت ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف آف دي ايئر اسٽاف، ايئر مارشل مجاهد انور خان ۽ پا??ست??ن ۾ قطر جو سفير سعود عبدالرحمان الثاني به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن، هن چيو ته پا??ست??ن قطر سان گڏيل تعاون کي وڌيڪ استحڪام ۽ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تربيت جي شعبن ۾ تعاون جي ڪافي صلاحيت آهي، قطر کي پا??ست??ن جي دفاعي مهارت ۽ تربيتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.