اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪم??نڊ اينڊ آپريشن سينٽر (??ين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. ??ين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذري?? 24 ??لاڪن دوران ڪورونا جي 583 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذري?? 24 ??لاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 168 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 94، پنجاب ۾ 10 هزار 712، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 797، اسلام آباد ۾ 5 هزار 398 ، ??لو??ستان ۾ هڪ هزار 274 ، گلگت بلتستان ۾ 444، آزاد ڪشمير ۾ 449 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 2 هزار 375 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ ??لو??ستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 15 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متا??ر ماڻهن جو تعداد 3 لک 16 هزار 934 آهي.