اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي منظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي سازش ڪري ره??و آهي، ڀارت جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان کي هاڻي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو به جواز نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بلن جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلن جي منظوري تي هن ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو. ثابت ٿي ويو ته ايوان سنجيده آهي ۽ ان جي ميمبرن ۾ فهم ۽ فراست آهي ۽ اهي پارٽي حدن کان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن کي اوليت ڏين ٿا، جي ??و آءِ (ف) کانسواءِ سڀني مخالف ڌر پارٽين به بل جي حمايت ڪئي آهي، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ مالي ??شڪلاتن کان بچڻ جي سازش ڪري ره??و آهي، آئون مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ارادان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏ??و آهي، اسان جا گڏيل سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان قومي معاملن تي هڪ موقف رکون ٿا، جنهن خوش اسلوبي سا?? مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڪميٽي ۾ بل جي حمايت جي مون کي خاطري ڪرائي آهي ان سا?? فائدو پاڪستان کي ٿيندو، حڪومتون اينديون وينديون آهن پر رياستي مفاد سڀ کان مٿانهون آهن، ڪاش جي ??و آءِ (ف) به پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ها، جي ??و آءِ (ف) مخالفت ڪري سٺو تاثر نه ڏنو، ملڪ جي لاءِ دل وڏي ڪن. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي آرڊيننس جي نقطن جي حوالي سا?? ڳڻتي جو اظهار ڪ??و آهي، هو قيد ۾ آهي، ملڪ ڇڏي ناهي ويو، نه هو رات و?? ۾ فرار ٿي سگهندو، هن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ڀارت اهو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ کڻي ويو، هن جو خيال هو ته ان کي آزاد ڪري ڀارت منتقل ڪيو ويندو، ڀارت کي شڪست ٿي، قونصلر پهچ جنيوا ڪنوينشن تحت ڏني آهي، اپيل جو حق ڏنو آهي، ڀارت جي ڪوشش هئي ته ان کي ٻيهر انصاف جي عالمي عدالت و??ڻ جو بهانو ملي ??ڃي، ان لاءِ اسان ڪلڀوشن کي ٻيهر قونصلر پهچ ڏني، ڀارت جا اعتراض ختم ڪيا، اسان ڀارتي ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، اڍائي ڪلاڪن تائين ڀارتي سفارتڪارن ڪلڀوشن سا?? ملاقات ڪئي، ڀارتي سفارتڪارن جي ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح هو ان ملاقات کان ڀڄن ته جيئن بهانو ٺاهي سگهن.