اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي حوالي سان انتظامن ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ره??دڙ پاڪستاني اسان جي ذميداري آهي ۽ ان ذميداري کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان هر ڪوشش ڪندا ره??داسين، اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل سيڪيورٽي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.