اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي ا??لا?? ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او ??يز جي لاڳو، خلاف ورزي تي سخت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قر??طينه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملدرآمد يقيني بڻائڻ تي غو?? ڪيو ويو. ا??لا?? جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفا??ي وزير اسد عمر ڪئي. ا??لا?? ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او ??يز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفا??ي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او ??يز تي عملدرآمد ۽ قر??طنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.