اسلام آباد – 02 اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي صنعت کي کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرونا سان گڏوگڏ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان بچائڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، واپار ۽ صنعت واري وزارت کي ڪاروبار بابت حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ واپاري نمائندن سان روزاني جي بنياد تي مشاورت جي هد??يت ڪئي آهي، ڪرونا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي بيروزگار ٿيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس پروگرام تحت 12 هزار رپيا ڏنا وي??دا. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپارين ۾ ٽيڪس ريفنڊ جا چ??ڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.