لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سُندس فائونڊي??ن جو دورو ڪيو، رت جو ع??يو ڏنو ۽ شاگردي واري زماني، ڊاڪٽري پيشي سان واڳيل هجڻ سان گڏوگڏ بطور سوشل ورڪر يادون تازيون ڪيون، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته 22 ڀيرا سُندس فائونڊيشن کي پنهنجو رت عطيو ڪري چڪي آهيان ۽ سُندس فائونڊيشن قائم ٿيڻ کان وٺي هن اداري سان واڳيل آهيان.