دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال تي تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان افغانستان جي مختلف ن??لي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اها ڳالهه هن وزيراعظم جي تاجڪستان جي دوري جي ٻي ڏينهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني چئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم اڄ دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستاني ??فير به هتي موجود آهن. هن ٻڌايو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدارتي محل ويندو جتي تاجڪستان جي صدر سان ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۾ تاجڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن گهڻو اهم آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته تاجڪستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀائر ملڪ افغانستان جي مختلف ن??لي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.