اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) محفوظ زمين ڪنهن به ملڪ ۽ معاشري جي زرعي، معاشي ۽ معاشرتي ترقي ۾ بينادي اهميت رکندي آهي. صحيح معلومات ۽ فوري م??تند رڪارڊ جي دستيابي صرف معاشري جي م??ڻهن لاءِ محفوظ زمين ۽ جائيداد جي حقن کي آسان حاصل ڪرڻ جو ذريعو پر قومي منصوبابندي، ترقي ۽ انتظامي سرگرمي کي انجام ڏيڻ لاءِ به اڻٽر آهي جڏهن ته ان سان عدالتن تي ڪيسن جي بار ۾ به چڱي خاصي گهٽتائي سان گڏوگڏ ماڻهن جا ڪيسن تي ٿيندڙ خرچن ۾ به گهٽتائي ٿيندي.
بدقسمتي سان 22 ڪروڙ جي آبادي واري ملڪ ۾ لاڳو پراڻي ۽ ناڪاره نظام جي ڪري ڪنهن زمين جي ملڪيت جا تفصيل حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار وڏو ڏکيو آهي،
لينڊ انفارميشن سسٽم زمين جي رجسٽرن جي روايتي نظام تي ٻڌل آهي ۽ اهڙو رڪارڊ ڏکيو هجڻ سان گڏوگڏ گهڻو پراڻو آهي ۽ ان نظام ۾ موجود معلومات به ناڪافي آهي. زمين جي هڪ ماڻهو جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڏينهن مختيارڪار جي آفيس جا چڪر ڪٽڻا پوندا آهن. ان جو بنيادي سبب ماڻهن ۾ قانوني م??املن کان لاعلمي، ڪرپشن، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ ڪجهه بدعنوان سياسي ۽ سماجي م??ڻهن جو اثر رسوخ سان جڏهن ته مسئلا زمين جي ورهاست ۾ اڻبرابري، دوکو، تڪرار، رجسٽريشن، وڪري ۽ منتقلي جي نظام س??ن واڳيل عدم تحفظ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن جي ڪري ان سيڪٽر ۾ ڏسڻ جهڙي ترقي نه ٿي سگهي. انهن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن ۾ بهتري جي لاءِ قانوني سڌارا ۽ زمين جي م??فوظ رڪارڊ لاءِ جديد ڪمپيوٽرائزڊ طريقو اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت هئي.
لينڊ رڪارڊ ۾ سڌارن جي لاءِ ڪمپيوٽرائزيشن هڪ بنيادي عنصر آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي عوام تائين رڪارڊ حاصل ڪرڻ جي پهچ آسان ٿي ويندي آهي جنهن سان نه رڳو ڪرپشن ۽ تڪرارن جو خاتمو ممڪن ٿي ويندو آهي پر ڪارڪردگي ۾ به اضافو ممڪن ٿي ويندو آهي.
انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي 2013ع ۾ ورلڊ بئنڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي تعاون سان پنجاب صوبي جي 145 تعلقن ۾ لينڊ رڪارڊ ڪمپيوٽرائزيشن پروجيڪٽ جو آغاز ڪيو ويو تنهن هوندي به ان کان اڳ گذريل حڪومتن باوجود ان اهم شعبي تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت ان منصوبي کي اهميت ڏني ۽ پنجاب حڪومت وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي قيادت ۾ پنجاب لينڊ رڪرڊ مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (پي ايل آر ايم آءِ ايس) جو آغاز ڪيو جيڪو حڪومت پاران هڪ انقلابي قدم آهي ان سان نه رڳو ڪرپشن پر مختيار ڪاري نظام جي روايتي خرابين جو به خاتمو ممڪن ٿي سگهندو.
اهڙي طرح پنجاب حڪومت جي هدايتن تي پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي عوام جي سهولت لاءِ موبائيل ايپ ”ڊجيٽل – پي ايل آر اي“ به جاري ڪئي آهي جنهن جي ذريعي زمين ۽ رجسٽري جي م??لومات حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. اها ايپ گوگل پلي اسٽور تي به دستياب آهي جنهن کي آساني سان موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري م??صوص زمين جو رڪارڊ، رجسٽري ڊيٽا، ٽيڪس بابت معلومات ۽ فيس شيڊول ڏسي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ اها ايپ پنهنجي پسند جي م??لومات حاصل ڪرڻ ۽ ان کي م??فوظ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. وزيراعظم عمران خان به بار بار ان ڳالهه جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي ته ماڻهن جي رهائشي ضرورتن جي جائزي لاءِ زمين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي جڏهن ته ڊجيٽل زمين جي رڪارڊ جي دستيابي سان لينڊ مافيا جو خاتمو ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ترقي ملندي. زمين جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائيزيشن ڪرڻ جو بنيادي مقصد پراپرٽي م??لڪن جي هڪ تفصيلي فهرست جي دستيابي، عام ماڻهو لاءِ معلومات تائين پهچ کي آسان بڻائڻ، زميني حقن کي م??فوظ بڻائڻ، تڪرارن جي امڪانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي بهتر ماحول جي فراهمي، انگن اکرن ۽ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ شفاف ۽ بدعنواني کان پاڪ بڻائڻ شامل آهي.
پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل معظم اقبال سپرا موجب اٿارٽي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ لينڊ رڪارڊ ڊجيٽلائزيشن لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي م??ڻهن جي سهولت لاءِ گذريل هڪ ??ال ۾ لينڊ رڪارڊ سينٽرز جي تعداد ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي، 246 اسپيشل لينڊ سينٽرز کانسواءِ سيٽلائيٽ سينٽر ۽ ٻين ادارن جي تعاون سان 5 هزار ک??ن وڌيڪ ننڍي پئماني تي قائم ڪيل سينٽرز تي لينڊ رڪارڊ سروسز عام ماڻهن کي فراهم ڪئي پئي وڃي. پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب ??ال 19 -2018ع ۾ 17 ارب روپيا قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا جڏهن ته 5 ملين ماڻهن پنجاب ۾ 152 زمين سينٽرز مان سهولتون حاصل ڪيون، گذريل مالي ??ال 2020 -2021ع ۾ 40 لک ک??ن وڌيڪ درخواستگذارن کي رڪارڊ سروسز فراهم ڪئي وئي جنهن ۾ 1.2 ملين ک??ن وڌيڪ ماڻهن کي جائيداد جي منتقلي جون خدمتون فراهم ڪيون ويون.
ترجمان موجب پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي قومي خزاني ۾ 12 ارب روپيا جمع ڪرايا، اهڙي طرح لينڊ رڪارڊ سينٽر مان ڪل آمدني 22 ارب روپين ک??ن وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اها گذريل مالي ??ال جي مقابلي ۾ 37 سيڪڙو اضافو آهي جيڪو لينڊ رڪارڊ سينٽرز مان خدمتن جي فراهمي تي عوامي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي ”لينڊ ٽرانسفر اينڊ مينيجمينٽ“ تحت سرڪاري خزاني ۾ 7456 ملين روپيا جمع ڪرايا آهن، روينيو ۾ اضافو لينڊ رڪارڊ سسٽم ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ممڪن ٿيو آهي، اٿارٽي ٻه ??ال اڳ تعلقي جي سطح تي زمين جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ شروع ڪيو،
شروعاتي طور تي 152 لينڊ رڪارڊ سينٽرز کي سهولت فراهم ڪئي وئي، هاڻي انهن سهولتن جو دائره ڪار کي 5000 ک??ن وڌيڪ مرڪزن تائين وڌايوو يو آهي، ان مان 60 قانون گوئي سيٽلائيٽ سينٽرز، 2800 ک??ن وڌيڪ نادرا اي سهولت مرڪز، 10 اي سروسز سينٽرز ۽ 28 ڪمرشل بئنڪ شامل آهن.
ترجمان موجب پاڻمردي نظام کي عالمي م??يار موجب آڻڻ لاءِ جديد قدم به کنيا پيا وڃن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ لينڊ رڪارڊ سروسز جلد ئي آمريڪا، برطانيه، متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ شروع ڪئي ويندي. هن وقت تائين 65 هزار ماڻهن کي آن لائن فرڊ سسٽم جي ذريعي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪريڊٽ ڪارڊ، ڊيبٽ ڪارڊ، جاز ڪيش ۽ آسان پئ??ن جي ذريعي آن لائين ادائيگي جو نظام به متعارف ڪرايو ويو آهي. هلندڙ مالي ??ال 2021ع ۾ زمين جي منتقلي جي حوالي سان مجموعي طور تي 7.45 ارب روپيا خزاني ۾ جمع ڪيا ويا آهن، ان کانسواءِ سرڪاري ملڪن جي تحفظ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا پيا وڃن،
پنجاب لينڊ روينيو اٿارٽي جي سمورن قدمن جو مقصد اي گورننس جي فروغ، لينڊ رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن ۽ اٿارٽي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري جي ذريعي م??ڻهن کي آسان خدمتون فراهم ڪرڻ آهي.
هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي س??ن وزيراعظم عمران خان تازو ئي سروي آف پاڪستان کي لينڊ ڊجيٽلائيزيشن مڪمل ڪرڻ جو ٽاسڪ به سونپيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور سٽي ۽ اسلام آباد لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم جاري آهي، ذريعن موجب لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مال کاتي جي رڪارڊ، سيٽلائيٽ اميجري ۽ فيلڊ سروي جي م??د ورتي پئي وڃي، اميد آهي ته ان منصوبي تي اڳڀرائي زمين بابت رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل جل پڄاڻي تي پهچندو ۽ لاڳاپيل مسئلن جي حل ۾ تمام گهڻي م??د ملندي.