اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته اسلامي ملڪن کي دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا بابت دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳالهائي رهيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ??ه گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ڪري پاڪستاني عوام جو عرب ملڪن جي عوام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ل??ڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ??ه پ??ڪستان جي پ??لي??ي جيو ??ياست کان جيو ??قتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان جي نئين پ??لي??ي ترقي جي لاءِ حصيداري، سماجي اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي قائم آهي. صدر چيو ??ه پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي. صدر عارف علوي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر عرب پارليامينٽ جي صدر کي ڀا??تي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي جابراڻي پ??لي??ين بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ??ه ڀا??ت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو ??هي. هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ??ه پ??ڪستان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر چيو ??ه پ??ڪستان عرب دنيا جي لاءِ اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلامي دنيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ ل??ڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ??ه عرب پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي. عرب پارليامينٽ جي صدر پاڪستان جي حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.