اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان آم??يڪي خوج جي نڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ آم??يڪا کي ??نه??جي سرزمين استعمال ڪرڻ جي ه??گز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آم??يڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏينهن شام 6 وڳي نشر ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آم??يڪي حڪومت جي ??لق??عده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي موجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا اڏا ڏيڻ جي ه??گز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي ??نه??جو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.