اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقتصادي مش??ورتي ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ مع??شي استحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت اقتصادي مش??ورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. وزيراعظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم ??يو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ جي حوالي سان ناليوارن مع??شي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آهي. وزيراعظم مع??شي مسئلن جو ذڪر ڪندي ??يو ته مشڪل مع??شي حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي اتي معيشت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم ??يو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن ??يو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مش??ورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.