اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوت??يو?? رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 62 فوت??يو?? ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 72 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 62 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ??يا جن مان 54 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ??يا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 31 هزار 713 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 599، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 10، اسلام آباد ۾ 4 هزار 428، بلوچستان ۾ 611، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 256 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 هزا?? 512 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 291، بلوچستان ۾ 18 هزار 891، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 920، اسلام آباد ۾ 42 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 786، پنجاب ۾ 1 لک 61 هزار 757 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 758 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ??يندڙن جو انگ 12 هزار 128 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 157 فوت??يو??، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ??يا. پنجاب ۾ 4 هزار 948 فوت??يو?? جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ??يا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 970 فوت??يو?? جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ??يا، اسلام آباد ۾ ڪل 481 فوت??يو?? جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ??يو. بلوچستان ۾ 197 فوت??يو??، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ??يو. گلگت بلتستان ۾ 102 فوت??يو??، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 273 فوت??يو?? ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 88 هزار 91 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 168 مريض علاج هيٺ آهن.