اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي ??هي ته پاڪستان ۾ ماحول کي آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي ??ڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کا?? سيٽلائيٽ جي ذريعي ب?? مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين باب?? ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي ??و جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کا?? 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کا?? به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گهٽتائي ??ئي ??هي، 2012ع کا?? 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ??اليانو 12 هزار هيڪٽرز کا?? گهٽ ٿي 8 هزار هيڪٽرز تي اچي وئي ??هي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ??ئي ??هي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کا?? به گهٽ آهي.