ڪراچي – 03 آگسٽ ( اي پي پي ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبل?? ۾ ??ارليماني ليڊر حليم ع??دل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال دهشتگرد مودي سرڪار ڪشمير تي ظلم، ڏاڍ، جبر ڪندي غير آئيني طور تي آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشمي??ي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو هو. پنج آگسٽ 2020 تي مودي سرڪار جي دشتگردي کي 365 ڏينهن مڪمل ٿي?? وارا آهن. هڪ سال دوران 13582 ڪشميري ماڻهن کي مودي سرڪار گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، 1331 نوجوان کي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو. هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪري ان جي ڏوهٽي کي مٿان ويهاريو ويو اهو ظلم پوري دنيا ڏٺو. هڪ هزار کان مٿي ڪمشي??ي عوام جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ويا آهن. پوري سال کان ڪشمير ۾ موبائل سروس، انٽرنيٽ، سميت سمورو مواصلاتي نظام بند پيل آهي مودي سرڪار نٿي چاهي ٿي سندس دشتگردي دنيا ڏسي. انهي عرص?? ۾ ??ڪ لک چو??يت??ليهه هزار پنج سو ڪشميري نوجوانن کي لاڪ ڊائون لڳائي بي زورگار ڪيو ويو.