اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ??ن جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي و??يلن سان نوازيو آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪي روانگي و??پار ۾ اضافو ڪر?? ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي و??پار ۽ ان ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي سان ملڪي روانگي و??پار ۾ اضافي جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي و??يراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي و??يلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان سان ملڪ جي روانگي و??پار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.