اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) ص??عت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته حڪومت روزگار ??ا موقعا وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪومت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هن ٻڌايو ته روزگار ??ي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قا??م آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته نجي شعبو روزگار ??ي فراهمي ۾ اهم ڪردار ??دا ڪري ٿو، نجي شعبو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن اسان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪومت ڪيترائي قدم کنيا آهن، حڪومت ڪ??روبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن جي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گذريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.