اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??سا?? جو سڀ کان قيمتي اثاثو ??سا?? جا نوجوان آهن ۽ نوجوان آبادي جو فائدو تڏهن ٿيندو جڏهن ??سا?? انهن کي تعليم ۽ هنر ڏينداسين، مدين?? جي رياست ??سا?? جي لاءِ رول ماڊل آهي جنهن جي بنياد تي هڪ اهڙي عظيم تهذيب جو بنياد پيو جنهن 700 سالن تائين دنيا جي قيادت ڪئي، معاشر?? جي ڪمزور طبقن کي اڳتي وٺي وڃڻ ??سا?? جي اولين ترجيح آهي، غريب ۽ مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا جاري ڪرڻ مدين?? جي رياست جي ماڊل جو تسلسل آهي، احساس جي تحت سموريون اسڪيمون ميرٽ ۽ شف??فيت جي بنياد تي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، ان ۾ سياسي عمل دخل نه هوندو، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام سان پاڪستان جو بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو. احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏيڻ جو هيستائين جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي جنهن سان کيس دلي خوشي ٿي آهي.