اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو س?? کان قيمتي اثاثو آهن، انهن جي حوص??ا افزائي نئين پاڪستان جو ويزن آهي، اسٽارٽ اپس پروگرام نوجوانن جي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهي، جن معاشرن ۾ نئين تصورن جي حوص??ا افزائي ٿئي ٿي اهي ئي ترقي ڪن ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي ذهني آزادي ڏيڻي آهي، موجوده حڪومت انهن کي مڪمل تعاون ۽ سرپرستي مهيا ڪندي، اسان پاڪستان کي اهو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جيڪو 60ع جي ڏهاڪي ۾ بڻجڻ وڃي رهيو هو، انشاءَ الله پاڪستان پوري خطي جي قيادت ڪندو. هو انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميوني??شن واري وزارت جي اهتمام هيٺ اڪنائٽ جي نيشنل انڪيوبيشن سينٽرز ??سٽارٽ اپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.