اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ ئي ان جو اعلان ڪري ڇڏيو ه??، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني آهن کڻي اهي ڪهڙي صوبي يا مذهب سان لاڳاپو رکندا هجن، پاڪستان جو اصل مطلب اهو ئي آهي، ڀارت ۾ جيڪي حالتون آهن انهن ٻه قو??ي نظريي کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي، ٻارن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهيو ه??، اسان کي اسڪولن ۽ تربيت ۾ اهو شامل ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.