اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي التميمي گروپ آف ڪمپنيز جي چي??رمين شيخ طارق علي عبدالله التميمي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان شيخ طارق علي عبدالله التميمي کي ڀليڪار چوندي حڪومت طرفان ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ بابت کنيل قدمن ۽ ??اص??احيت سيڙپڪارن لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت بابت آگاهه ڪيو.