اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر غريب ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني، نيشنل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، ميزان بئنڪ، حبيب بئنڪ، بئنڪ الحبيب ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سربراهن وزيراعظم کي نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام تح?? قرضن جي فراهمي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قرضن کي حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان ترين بڻايو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ برانچن ۾ ڌار ڊيسڪ ٺاهيا ويا آهن، پرائيويٽ بئنڪس، اسلامي ۽ روايتي بئنڪاري ٻنهي تح?? قرض فراهم ڪنداسين، بئڪن جي سربراهن حڪومت کي تعميرات جي سيڪٽر جي فروغ ۽ غريب طبقي کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي سهو??ت مهيا ڪرڻ تي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هنن وزيراعظم ۽ حڪومتي م??اش?? ٽيم کي ڪورونا وبا جي پيش نظر ڪاورباري طبقي سميت بئنڪن جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تح??ين پيش ڪيو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته قرضن جي فراهمي جي عمل کي گهٽ مدي وارو ٺاهڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن قرض وٺندڙ ماڻهو جي ڪاغذن جي ??صد??ق جلد ٿي سگهي.