اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن ۾ تعليمي س??گرميون بحال ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بحال ٿي ويندو، ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪورونا جي خلاف ح??اظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي س??تي س??ن عمل ڪي?? وڃي، وفاقي ڪابينا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان د??آم?? ڪي?? ڪڻڪ جي حوالي س??ن پري شپمينٽ ايجنسين کي پري شپمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان جي حوالي س??ن تجويز ڪي?? ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي مالي س??ل 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي قرضن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.