??سل??م آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته انسانيت جي خدمت اسان جومذهبي ۽ قومي فرض آهي ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ جو نالو سدائين زندهه رهي ٿو. هن چيو ته ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد سمجهڻ ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. اه??ن خيالن جو اظهار هن ٽ??ئي??ر فورس قائم ڪرڻ جي مناسبت سا?? ملڪي سطح تي ملهائجندڙ خاص ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويندو. اسپيڪر اسد قيصر ڪورونا وبا دوران ٽ??ئي??ر فورس جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا وائرس وبا دوران ٽ??ئي??ر فورس رضاڪار ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٽ??ئي??ر فورس جي مدد سا?? ملڪ کي هنگامي صورتحال ۾ پيش ايندڙ بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي اندر انسانيت جي مدد ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري وٺون ته اسان ه?? ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.