اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان سميت صوبائي چيف سي??ريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ صوبن جي اين سي او سي کي ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزين ۽ سڄي ملڪ جي مخصوص علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تي بريفنگ ڏني وئي، اڱاري ڏينهن بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ايس او پي?? جون 12400 خلاف ورزي??ن ڪيون ويون جنهن تي 24 ڪلاڪن ۾ 1512 مارڪيٽون، دڪان، 14 انڊسٽريز يونٽس کي ڏنڊ ۽ سيل ڪيو ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 1466 ٽرانسپورٽرز کي ڏنڊ وڌو ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد ۾ ايس او پي?? جون 364 خلاف ورزيون رپورٽ ٿيون جنهن تحت 154 دڪان سيل، 147 گاڏين تي ڏنڊ وڌو ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ آزاد ڪشمير ۾ ايس او پي?? جون 865 خلاف ورزيون ٿيو، 153 مارڪيٽون ۽ دڪان سيل ۽ 321 گاڏين تي ڏنڊ وڌو ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گلگت بلتستان ۾ ايس او پي?? جون 218 خلاف ورزيون رپورٽ ٿيون، جنهن تي 48 مارڪيٽون ۽ دڪان سيل ڪيا ويا، 53 ٽرانسپور??ز تي ڏنڊ وڌو ويو.