اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وف??قي حڪومت جون جي مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪندي، جولاءِ ۾ ان انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اسپتالن جي عمل?? جي ضرورتن جي حوالي سان پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن کي اڄ شام جو حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وف??قي وزير اسد عمر اين سي او س?? جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو آهي. ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري وڏن شهرن جي اسپتال?? تي پريشر وڌي رهيو آهي. ان کي نظر ۾ رکندي وف??قي حڪومت جون جي مهيني ۾ هڪ هزار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آهي اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي آهي.