اسلام آ??اد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي خوشي جي م??قعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آئون الله تعاليٰ کان دعاگو آهيان ته هو اسان جي عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، هي ڏينهن جتي پنه??جن سان ايثار ۽ محبت جو ڏينهن آهي اتي ضرورتمندن ۽ مستحق ماڻهن جي دل کٽڻ ۽ انهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ جو به ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم کي ڪورونا وبا جي نازڪ صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي اتحاد ۽ احتياط ??ي عمل ڪرڻو پوندو. عيدالفطر جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ رڳو هڪ تهوار کان وڌيڪ ان محنت، رياضت، صبر ۽ همدردي جو انعام آهي جيڪو رمضان المبارڪ جي م??يني ۾ انجام ڏنو وڃي ٿو.