اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڪورونا وبا جي ڏس ۾ صحت جي اصولن تي عمل ڪندي سماجي فاصلي سميت ٻين احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اها هدايت هن پارليامينٽ هائوس جي دوري دوران ڏني. صدر قومي اسيمبلي جي هال جو دورو ڪيو ۽ قومي اسيمبلي جي سومر کان شروع ٿي??دڙ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن اجلاس بابت بريفنگ جي صدارت ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊ??ٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ قومي اسيمبلي جي اعليٰ عملدا??ن صدر کي بريفنگ ڏني.