اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان ??اڪستان کي مالي مدد جي فراهميءَ کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد سان ??لاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سينيئر ڊائريڪٽر طارق ايڇ نيازي ڪئي. ان ??وقعي تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پاڪستان ۾ رهندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر اينافن ۽ ان جي ٽيم به موجود هئي. ملاقات دوران طارق ايڇ نيازي ناڻي واري وزير کي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي عوامي ش??بي جي انتظام ۽ بهتر حڪمراني لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته قدمن جو مقصد ڪلي معيشت ۽ مالياتي انتظام کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيوته بئنڪ اُسرندڙ ملڪن کي پاليسي ۽ اداره جاتي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ به معاونت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ تحت پاڪستان ۾ اق??صادي سڌارن، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ منصوبا غور هيٺ آهن. ان ??نصوبن ۾ خاص طور تي پاليسي ۽ انتظامي سڌارا، ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن، عوامي ۽ نجي حصيدارين، موسمياتي تبديلي، پاليسيءَ تي ٻَڌل ضمانتون، مالي ۽ بجيٽ جي معاونت، غربت جي خاتمي لاءِ امداد ۽ پينشن سڌارن جي لاءِ فني معاونت شامل آهي. ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان ??اڪستان کي فراهم ڪيل مالي ۽ فني معاونت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته بئنڪ جي سهڪار جي ش??بي پاڪستان جي ترقي جي ضرورت سان ??م آهنگ آهن. هن بئنڪ طرفان ??وسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ حڪومت ۽ پينشن سڌارن جي ايجنڊا کي اڳيان ??ڌائڻ ۾ معاونت کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.