ڪراچي – 14 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي پارٽي جي چڪوال جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ملڪ جبار احمد چله جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو ز??دا??ي تعزيتي پيغام ۾ ملڪ جبار احمد چله جي سوڳوار خاندان س??ن دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪ جبار احمد چله جون پارٽي جي ل??ءِ خدمتون ڪڏهن به وساري نٿ??ُون سگهجن. هن مرحوم جي ل??ءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.