اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گل??ت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سميت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو. گل??ت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات کي اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي لاءِ معياري خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد ??رين ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سميت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم ??ي خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گل??ت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.