اسلام آباد -05 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي قطر پهچي ويو آهي جٿي هو گڏيل قومن ??ي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق ترقي ??ند?? ملڪن جي ڪانفرنس جو هي پنجون اجلاس آهي. ڪانفرنس 5 مارچ کان دوحه ۾ شروع ٿي وئي ??هي. قطر جي امير ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ وزيراعظمن ??ي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم 6 مارچ تي ڪانفرنس جي اجلاس کي خطاب به ڪندو.