اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ کانسواءِ ملڪي ترقي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ڏورانهن علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ”اسڪول آن وي??ز“ جو من??وب?? اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسڪول آن وي??ز من??وب?? جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان من??وب?? تحت شروعاتي طور تي 8 بسن تي اسڪول آن وي??ز من??وب?? اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي ٻارن کي موبائيل اسڪولز جي ذريعي تعليم فراهم ڪندو. وزيراعظم اسڪول آن وي??ز من??وب?? کي ساراهيندي چيو ته ان من??وب?? سان ڳوٺن ۾ ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته اهي موبائيل اسڪولز ڳوٺن ۾ تعليم جو انقلاب آڻيندا ۽ ان سان هزارين لکين ٻار، جيڪي ڳوٺن جي گهٽين جي مٽيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا، کي تعليم جي سهولت ملندي ۽ اهي پاڪستان جا عظيم معمار بڻجندا. وزيراعظم چيو ته ان من??وب?? جو دائرو چئني ??وب?? بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير تائين ڦهلائڻ جو جائزو ورتو وڃي. ان سان وڏي ٻي ڪا قومي خدمت نه ٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هو ان من??وب?? جي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. وزيراعظم ان موقعي تي خصوصي طور تي ڊ??زائن ڪيل بسن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ استادن ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم موبائيل لائبري??ي جي من??وب?? کي پڻ ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ڏورانهن علائقن جي ٻارن کي گهر جي در تي لائبري??ي جي سهولت ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گهلي ملي وي?? ۽ انهن کان سوال جواب ڪيا.