اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ڪامياب شاگردن ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دنيا فلم کي سياح?? جي فروغ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، فلم جي ذريعي اسان پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏئي سگهون ٿا، پاڪستان 1971ع ۾ دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پاڪستاني فلم انڊسٽري خاموش ٿي ته اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي، 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ٻيهر بحالي جو عمل شروع ٿيو، پاڪستان جي پهرين ن??شنل فلم اينڊ ڪلچر پاليسي 2017ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف شروع ڪئي، حڪومت 2022ع جي بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، يونيورسٽين ۾ فلم سازي جي حوالي سان نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ن??شنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو خاص وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته ڊي پي ورلڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت ناليوارا اداڪار ۽ شاگرد جا والدين پڻ تقريب ۾ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيشنل اميچور فلم فيسٽيول پاڪستان جي نيشنل فلم اينڊ ڪچرل پاليسي جي ڪڙي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين ن??شنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي ش??وع??ت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2017ع ۾ ڪئي هئي، ان پاليسي تحت فريم ورڪ تيار ڪيو ويو هو پر ان تي ??مل??رآمد نه ٿي سگهيو جنهن جي ڪري ان پاليسي تحت فراهم ڪيل فائدا فلم ميڪرز، پروڊيوسرز ۽ اداڪارن کي نه ملي سگهيا. هن چيو ته فلم سازي ۽ فلم پروڊڪشن کي رڳو تفريح جي ڏس ۾ نه پر اسڪرين ٽوئرازم، بياني سازي، تهذيب ۽ ثقاف?? جي زبان جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان فلم ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فلم انڊسٽري جي ترقي ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1948ع ۾ پاڪستان جي پهرين فلم جي ش??وع??ت ٿي ته ان وقت لاهور فلم پروڊڪشن جو مرڪز هو. پهرين فلم تيري ياد سان فلم پروڊڪشن جي ش??وع??ت ٿي. پاڪستان جي فلم انڊسٽري لالي ووڊ جي نالي سان مشهور ٿي، ان وقت پاڪستان جو بيانيو به تمام بهتر هو. هن چيو ته اسان پنهنجي ثقاف?? جي ذريعي دنيا سان ڳنڍيل هئاسين، 1971ع ۾ پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو فلم پروڊيوسر ملڪ هو، پاڪستان جي اندر فلم جي ڊيمانڊ هئي، پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي ثقافت اسڪرين تي ڏسڻ پسندا ڪندا هئا جڏهن ته ڪيترائي اداڪار پاڪستان جي سڃاڻپ هئا. هن چيو ته ان دور کانپوءِ 25 کان 30 سالن جو عرصو پاڪستان فلم انڊسٽري جي لاءِ تمام مشڪل گذريو، اسڪرين تي اسان جو اميج به ڪمزور ٿي چڪو هو، پاڪستاني فلم انڊسٽري جي خاموشي سان گڏ اسان جي ثقافت ۽ زبان به خاموش ٿي وئي هئي. هن چيو ته 2011ع ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي، ان وقت اسان جي نوجوان نسل ۽ نئين پروڊيوسرز ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ فلم اهو ذريعو آهي جنهن کي ملڪن پنهنجي بيانيي جي جوڙج?? جي لاءِ استعمال ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي انقلاب سان گڏوگڏ شارٽ فلم جي اهميت به وڌي رهي آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ دوران شارٽ فلم جي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان ڪافي موبلائيزيشن ٿي، اها ئي شارٽ فلم جي طاقت آهي. هن چيو ته جڏهن پاڪستان جي پهرين فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي جي ش??وع??ت ٿي ته وزيراعظم شهباز شريف ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هو، 18 هين ترميم کانپوءِ فلم جيئن ته صوبائي سبجيڪٽ هو، ان وقت پنجاب ۾ سئنيما گهرن تي اينٽرٽينمينٽ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته شهباز شريف کي فلم انڊسٽري جو احساس هو، هن سئنيما گهرن تي انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪري ڇڏي هئي، فلم فنانس فن?? پڻ قائم ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ ختم ڪيو ويو. هن چيو ته 2022ع جي بجيٽ ۾ اسان پهرين ن??شنل فلم اينڊ ڪلچرل پاليسي تي ??مل??رآمد جي ش??وع??ت ڪئي، ان پاليسي تحت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس ختم ڪيا ويا، هاڻي پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري تي زيرو ٽيڪس آهي. هن چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ آءِ ايس پي آر ۽ اطلاعات واري وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو. هن فيسٽيول ۾ ڪامياب ٿيندڙ 15 شاگردن کي اسڪالرشپس ڏني پئي وڃي. انهن ن??جوانن جي لاءِ اسڪالرشپس اسپانسر ڪرڻ تي ڊي پي ورلڊ جا پڻ ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ فلم ميڪنگ جو نصاب به شروع ڪيو پيو وڃي، ان سان اسان جا شاگرد پاڪستان ۾ فلم سازي سکي سگهندا. هن چيو ته فن??ارن جي سپورٽ جي لاءِ فلم آرٽسٽ فنانس فن?? شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي اندر فن??ارن جي ميڊيڪل انشورنس جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته جڪڏهن فلم انڊسٽري ائين ئي ترقي ڪندي رهي ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستان جو بيانيو مثبت طريقي سان دنيا آڏو اجاگر ٿيندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد شارٽ فلم جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت شخص اجاگر ڪرڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ شارٽ فلمز مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته هن ڀيري شارٽ فلم جو ٿيم سمنڊ ۽ جبل آهي. تقريب کي ڊي پي ورلڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم پڻ خطاب ڪيو.