اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ??رڻ جو منصوبو جلد پ??ش ڪيو وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، و??يراعظم جي صلاحڪار احمد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، و??يراعظم جي ناڻي واري خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي منتقل ??رڻ جي لاءِ پلان جلد ک??ن جلد پ??ش ڪيو وڃي. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوال?? سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽرڪچر/ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.