نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطح بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيس?? سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وزيراعظم دي ٽائيم?? سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بور?? سان گڏ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خصو??ي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.