پشاور – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خيبرپختونخوا جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ ب??ال?? جي ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته مصروف شيڊيول جي باوجود وزيراعظم ٻوڏ سبب متاثر ضلعي ڊي آءِ خان جو ٻيو دورو ڪيو آهي ۽ رليف ۽ ريسڪيو آپريشنز جي نگراني ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي ڊي آءِ خان جي دوري جي موقعي تي نئين سر تعمير ۽ ب??ال?? جي ڪارروائي جي حوالي سان منعقد ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا فضل الرحمان حڪومتي کاتن ۽ سياسي پارٽين جي امدادي تنظيمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻوڏ سٽيلن کي کاڌي پيتي جي شين سان گڏوگڏ روڪ امداد به فراهم ڪئي وئي ۽ سگو پل لڙهي وڃڻ کانپوءِ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، هن انهن سمورن ٻوڏ متاثرن کي خيمن جي فراهمي سميت ضروري شيون فراهم ڪرڻ تي زور ڀريو، ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي، هن چيو ته ٽانڪ زم ۽ نواب حيدر ۽ ٻين ڊيمن جي تعمير سان ڪوهه سليمان ۽ ٻي?? علائقن ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڊي آءِ خان کي ٻوڌ کان بچائي سگهبو. هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ نقصانن جو جائزو وٺڻ جو سروي ۽ ان جي رپورٽ جلد حڪومت کي پيش ڪئي ويندي. هن ڪوهستان، سوات، دير، ڊي آءِ خان ۽ ٽانڪ جي ضلعن ۾ رس??ن جي رابطن جي منصوبن تي نئين سر تعمير جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ جو به مطالبو ڪيو، ت??ري?? ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود ۽ وزيراعظم ج?? سياسي معاملن وارو صلاحڪار انجنيئر امير مقام به موجود هئا، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه وزيراعظم کي ڊي آءِ خان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ ب??ال?? جي ڪمن کان آگاهه ڪيو.