اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ريلي کانپوءِ رستن، پبلڪ ورڪس ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪندڙ قوم جا هيرو آهن، مون سميت پ??ري قوم کي انهن تي فخر آهي. پنهن??ي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بلوچستان د??ري دوران منهنجي گذريل ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر مڇ عائشه زهري ۽ اين ايڇ اي جي انهن عملدارن ۽ پورهيتن سان ملاقات ٿي جيڪي ٻوڏ ريلا گذر?? وڃڻ کانپوءِ رستن، پبلڪ ورڪس ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته توهان سڀ قوم جا هيرو آهيو ۽ مون سميت پ??ري قوم کي توهان تي فخر آهي.