اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جي ڪڌن ارا??ن کي ناڪ??م بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قو?? ملڪ جي حفاظت ڪندي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ مون سمي?? پوري قو?? جون سموريون دعائون شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.